ٺٺيا ڍنڍ

ٺٺيا ڍنڍ: ضلعي ڄامشورو جي تعلقي سيوهڻ ۾ آمري کان اتر طرف آهي. هي هڪ پراڻي ڍنڍ آهي. ٺٺي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي، جيڪو پراڻي دور ۾ آمريءَ ڀرسان هوندو هو، جنهن تان هن ڍنڍ جو نالو پيو. چيو وڃي ٿو ته عربن جي دور ۾ ڪي سيد ٺٺي کان هتي لڏي آيا هئا ۽ جنهن هنڌ ترسيا ان هنڌ جو نالو ٺٺي پئجي ويو. هيءَ ڍنڍ به سنڌوءَ جي آمري پَراڻَ جي ڇڏيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو